ڇا توهان ڄاتو آھي !؟

0
212
ماسيءَ جي نانءُ!

  ڇا توهان ڄاتو آھي ته رشتن جي رستي تي پيل مفادن جي مڻڪن تان ترڪي ڪرندڙ ماڻھوءَ  مان ماڻھپو موڪلائي ويندو آھي!

                 ڇا توهان ڄاتو آھي ته لطيف جي سُرن ۾ سورهيائي سان گڏ سُرت به آھي تڏھن ته  لطيف هارائي نٿو!

                 ڇا توهان ڄاتو آھي ته چانڊوڪي ڪيڏي نه حسين آھي پر چور ان کان نفرت ڪن ٿا ڇاڪاڻ جو چنڊ جي سهائي ۾ هو ڪمزور ٿي پوندا آھن ايئن ئي وڏيرا، جاگيردار ۽ سرمائيدار پڻ چور آھن تن کي ذھنن جو سوجهرو نٿو گهرجي ڇاڪاڻ جو عوامي سُجاڳي انهن جي مجرم ضمير ۽ ناپاڪ مفادن جو موت آھي!

                 ڇا توهان ڄاتو آھي ته وقت جي تَريءَ ۾ لاٽونئڙي جيان ڦرندڙ حياتيءَ جا ڦيرا تمام مختصر آھن، جيڪڏھن ها ايئن آهي ته پوءِ مايوسيءَ کي لت هڻي مُرڪن جو البم بڻجي وڃو ۽ ٻھڪي پئو!

                 ڇا توهان ڄاتو آھي ته تاريخ جي  وهڪري ۾ جدوجھد جي ٽُٻي وهڪري جو رخ تبديل ڪري ڇڏيندي آھي!

ڇا توهان ڄاتو آهي ته اعتبار جي حادثي ۾ وڃائجي ويل محبت سان ھي نظام مجيب شيخ جھڙو حشر ڪندو آهي ڇو ته ھن به ووٽ نه محبت ڪمائي ھئي مگر اسان وٽ محبت جي موٽ ۾ موت ملي ٿو!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته سوشل ميڊيا جو جسم  ۾ پيل وائرس تيز رفتاري سان ڦھلجندو آھي ۽ وقت جي حياتي تباهه ڪري ڇڏيندو آھي جيڪڏھن ڄاتو آھي ته ڪتاب ڇو نٿا کڻو اسڪرين تي اسڪرولنگ ڇو پيا ڪريو!؟

ڇا توهان ڄاتو آھي ته نصاب جا فارمولا رَٽڻ سان سٺا نمبر ۽ نوڪريون ته ملن ٿيون پر اها سڪون رسائيندڙ نھٺائي ۽ ذھني نزاڪت نه.. جيڪڏھن ايئن آھي ته پوءِ توهان فلسفو، ادب، سياست ۽ نفسيات ڇو نٿا پڙھو!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته ڪي ڳوٺاڻيون محبوبائون رات جو پاڻي گهڻو پيئڻ بهاني اٿنديون آھن پوءِ پيئنديون گهٽ ۽ هارينديون وڌيڪ آھن ته جيئن دلا خالي ٿين ۽ هو کوھه تان پاڻي ڀريندي سندن محبوب جو ديدار ڪري سگهن!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته ٻارن جي سوالن ۾ فلسفو ڇلڪندو آھي ۽ جوابن لاءِ سائنس جو در کڙڪائڻو پوندو آھي!

ڇا توهان ڄاتو آھيته اڪثر پوڙھپڻ ۾ تخليقڪار مايوس ۽ بيزار ان ڪري ٿيندا آھن جو هو فطرت، سماج ۽ انساني رويي جو جدلي انداز ۾ تجزيو ڪرڻ بدران سَکڻن احساسن ۽ خام خيالن جي وينٽيليٽر تي ساهه کڻندا آھن!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته ڏاٽي جي تکي ڌار ڪمند ڇلڻ، ڪڻڪ ۽ ساريون وڍڻ سان گڏ اُن وڏيري جي لوفر ڇوري جي ٽاڪڻي مٿي ۾ پڻ کُپي سگهي ٿي جنهن جون نظرون ۾ گاھه ڪندڙ پورهيت نياڻين جي پهراڻن ۾ هونديون آھن!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته وڏيرا رڳو ٻنين، جاگيرن جا مالڪ ناهن هوندا وڏيرا اهي به هوندا آھن جيڪي 5 ڪتاب لکي ڪاٽن پائي عام ماڻھو کي هٿ ۽ ڪمينٽ به نه ڏيندا، وڏيرا اهي به هوندا آھن جيڪي  احتجاج ڪري زبردست تقرير ڪري ڪنهن غريب سان تصوير ڪڍرائڻ لاءِ به تيار نه هوندا، وڏيرا اهي به هوندا آھن جيڪي تقريرن ۾ عورت آزادي جا ڀاشڻ ڏين پر پنهنجي زال، ڌيءَ، ڀيڻ ۽ امڙ کي گهر جي چوديوارين ۾ قيد رکن سو وڏيراشاهي جي هڪ شڪل نه ڪيئي شڪلون آھن وڏيراشاهي سوچ آھي اها ڪنهن۾ به ٿي سگهي ٿي ان لاءِ ڪو مقرر قبيلو، قوم ۽ ڪڙم ناهي هوندو!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته اسان وٽ بيماريون ڇو وڌيڪ حسين حياتيون قتل ڪري رهيون آھن،  ان ڪري جو هتي ڊاڪٽر پاڻ مريض آھن، سياسي ۽ نظرياتي طرح سماجي بيمار ڊاڪٽر بيماري وچان علاج ڪندي عوام کي بيمار ڪري وجهن ٿا، کين گهرجي ته صحتمند ٿي علاج ڪن.

ڇا توهان ڄاتو آھي ته درٻاري اديب تاريخ جي پيرن ۾ ڏانوڻ وجهڻ جي ڪوشش ان ڪري ڪندا آھن ڇو ته تاريخ جا پيرا انھن جاهلن جي جهُڳي4 ڏانهن ھوندا آھن، جتي ھو دوکي ۽ فريب جو طلسماتي محل جوڙي ويٺا آهن!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته انصاف جو حسين چھرو وقت جي آرسيءَ ۾ ان ڪري نٿو ڏسڻ ۾ اچي جو  وقت جي آرسيءَ جهليندڙ هٿ ناپاڪ آھن!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته بُک جي ڀاڪر ۾ زندگي ايتري نپوڙجي وئي آھي جو ماڪ ڀنل صبح جا چپ پسڻ جو هوش ئي ناهي رهيو!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته اجنبيت جي احساس ۾ ويڙھجي ويل ڳوٺ جا لوڙھا جوان کان وڌيڪ ان جهور پوڙھي کي وڌيڪ هائوُ ڪري کائيندا آھن جيڪو واٽھڙو جي سوال تي سندس اٺ تي ڀلي جهُل وجهي ڪيترا ئي ميل اڳتي ڪري ايندو هو!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته سوچن جي ڳلن تي جواني جا گل تڏھن ٽڙندا آھن جڏھن اهي ارادي جي سرحد پار ڪري عمل جي ڍنڍ ۾ ڪنهن تاروُ جيان ترنديون آھن!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته وَڻ ۽ وَڙ  جو اثر ڪو به واهوندو ختم نٿو ڪري سگهي جيڪڏھن متفق آھيو ته ماڻھن سان وڙ ڪريو ۽ ڌرتي ۾ وڻ لڳايو!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته نينهن جي سفر ۾ بيوفائي جي ڌوڙ چاهت کي چڪنا چور ڪري ڇڏيندي آھي!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته جڏھن ڪو عياش پرست عياشيءَ ۾ جيڪو پئسو چوسيل هڏي جيان اُڇلائيندو آھي اُن ۾ جيڪا مِک نظر ايندي آھي سا اها مِک ناهي هوندي پر پورهيت جو پگهر هوندو آھي!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته اسڪرين انساني دماغ کي غلام (slave mind) بڻائي ڇڏي ٿي ڪا شيءَ ڏسڻ دوران دماغ مڪمل طرح ان ۾ جڪڙيل رهي ٿو ۽ ڪو واقعو ڏسي ان تي سوچڻ جيترو موقعو ئي نٿو ملي تيسين ٻيو سين ظاهر ٿي پوي ٿو، جڏھن ته ڇپيل ڪتاب توهان کي فڪري پرواز imagination ڪرڻ جو موقعو ڏي ٿو، دماغ آزاد رهي ٿو ۽ تخليقي سگهھ پڻ وڌي ٿي!

ڇا توهان ڄاتو آھي ته برسات کان بچڻ لاءِ وڻ هيٺيان پناھه وٺندڙ ماڻھو کي برسات ختم ٿيڻ کان پوءِ واءُ جي سهاري سان وڻ ئي پسائيندو آھي، اسان جي سماج ۾ پڻ ڪڏھن ڪڏھن  ايئن ئي ٿيندو آهي!