ڇا تصادم ڏانهن وڌي رهيا آهيون ؟

0
129
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ  ۾ جاري سياسي غير يقيني ڪٿي ختم ٿيندي نظر نه ٿي اچي،اهو سياسي بحران هاڻي تصادم ڏانهن وڌندي نظر اچي رهيو آهي.پي ٽي آءِ کي جيڪو اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪرڻو آهي ان جي تاريخ جو شايد اڄ اعلان ٿي وڃي انهي دوران اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي گرفتاري ۽ ڪجهه دير کانپوءِ آزادي به انهي خطري کي وڌائي ڇڏيو هي ته معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ بدران لڳي ٿو  احتجاج ۽ رستن ڏانهن وڌي رهيا آهن. هن وقت تائين ته رڳو سياسي جلسا ڪيا پئي ويا پر هاڻي لانگ مارچ جو سڏ ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻي وارو سڏ سو به اليڪشن جي اعلان تائين جاري رکڻ  ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام کي وڌائي ڇڏيندو، جنهن سان ملڪي معاشي حالت جنهن کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اها سنڀالڻ بدران وڌيڪ خرابي ڏانهن وڃي سگهي ٿي.

هڪ طرف حڪومت چئي رهي آهي ته ملڪي معيشت کي سنڀالڻ ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي ۽ انهي لاءِ وقت کان اڳ چونڊن جي ڪا ضرورت ناهي ته ٻئي طرف مخالف ڌر ۽ تازو بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽايل اڳوڻو وزيراعظم چئي رهيو آهي ته اهي نين چونڊن جي اعلان تائين هن حڪومت کي ڪنهن به ريت نه مڃڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه ئي ان کي هلڻ ڏيندا،جنهن ڪري غير يقيني واري صورتحال وڌي رهي آهي جنهن سان نه رڳو سياسي پر معاشي معاملا به بيهي رهيا آهن. آءِ  ايم ايف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، 25 مئي تي دوحا ۾ گڏجاڻي رکيل آهي ٻئي طرف وري عمران خان اڄ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪرڻ لاءِ تاريخ جو اعلان ڪندو ۽ امڪان اهو آهي ته اهو مارچ هن مهيني جي ئي آخري ڏينهن ۾ شروع ٿيندو.

اهڙي ماحول ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهين تي ڪهڙو فرق پوندو اهو هر ڪو سمجهي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن حڪومت جي هلڻ جي ئي ڪا ضمانت ناهي يا ملڪ ۾ سياسي استحڪام موجود ناهي ته عالمي مالياتي ادارا ڇو اهڙي حڪومت ۽ ماحول ۾ ملڪ کي ڪو بهتر معاشي پيڪيج آڇيندا؟ جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان ڳالهيون بهتر نموني اڳتي نه ٿيون وڌن ته ان جو جيڪو ملڪي معاشي حالتن تي اثر پوندو اهو سوچي ئي ڊپ ٿئي ٿو ته ڪٿي ملڪي حالتون سريلنڪا جهڙو رخ نه اختيار ڪن. انهي دوران ئي اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي گرفتاري ۽ انهي کانپوءِ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي ردعمل اهو خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪي حالتون تصادم طرف وڌي رهيون آهن. توڙي جو اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي گرفتاري هڪ اهڙي ڪيس ۾ ٿي  جيڪو انهن جي پارٽي جي حڪومت هوندي داخل ڪيو ويو هو ۽ ان جو هن سياسي صورتحال سان ڪو واسطو نه آهي پر جنهن انداز ۾ گرفتاري ٿي آهي انهي کي پي ٽي آءِ انتقامي ڪارروائي قرار ڏئي رهي آهي ۽ چئي رهي آهي ته حڪومت جنگ جو اعلان ڪيو آهي ۽ اسان به جنگ لاءِ تيار آهيون. بعد ۾ پنجاب جي وڏي وزير انهي گرفتاري کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي شيرين مزاري جو آزادي ۽ واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي پر انهي واقعي ظاهر ڪري ڇڏيو اهي ته ملڪ جون سياسي حالتون ڪٿي پهتل آهن جو ڪو هڪڙو ننڍو واقعو به وڏي تصادم کي پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جون موجوده حالتون تدبر ۽ دانشمندي جون گهرجائو آهن حڪومت توڙي مخالف ڌر جي مک ماڻهن جي ذميواري آهي ته معاملن کي ڀڙڪائڻ بدران انهن کي ٿڌو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. جيڪڏهن معاشي بحران ۾ سياسي عدم استحڪام کان وڌي ڳالهه تصادم تائين هلي وئي ته حالتن کي قابو ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ نه هوندو.