ڪراچي(شوبز نيوز) عليزا سلطان جي والد ۽ فيروز خان جي اڳوڻي سهري ميرا سيٺي سان ملاقات ۾ فيروز جي زال تي مبينا تشدد تي ڳالهايو. ميرا سيٺي ٽوئٽر تي عليزا جي والد سان ملاقات جو احوال لکيو ۽ ٻڌايو ته “مان عليزا ۽ هن جي والدين سان مليس، الزام ڪافي سنجيده آهن ۽ ماڻهن کي انهن کي سنجيده وٺڻ گهرجي. ميرا سيٺي پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته ملاقات ۾ عليزا جي والد مونکي چيو ته مونکي ان ڳالهه تي حيرت آهي ته هن جم ۾ ايتري باڊي منهنجي ڌيءُ کي مارڻ لاءِ ٺاهي آهي؟