2015ع ۾ ايڪيهين آئيني ترميم جڏهن پارليامينٽ مان منظور ٿي رهي هئي ته پ پ جي سينيٽر رضا رباني فوجي عدالتن کي آئين جو حصو بنائڻ واري ان ترميم تي ڳوڙها ڳاڙيندي چيو هو ته مون کي سينيٽر پ پ ڪيو آهي ووٽ ان جي امانت آهي ان ڪري نه چاهيندي به ووٽ ترميم جي حق ۾ ڏئي رهيو آهيان پارٽي پاليسي جو پابند آهيان. اهو ئي رضا رباني جيڪو سينيٽ جو اڳوڻو چيئرمين پڻ آهي، سينيٽ جي اختيارن بابت آئيني ترميم جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو آهي.
سينيٽ ڪيتري با اختيار آهي ۽ اڃان هن اداري کي ڪيترا اختيار کپن، ظاهر آهي سينيٽ جو چيئرمين رهندڙ شخص کان وڌيڪ اها ڪنهن کي خبر هوندي؟ سو پيپلز پارٽي جيڪڏهن بطور پارٽي سينيٽ جي اختيارن بابت آئيني ترميم رضا رباني ذريعي آندي آهي ته اها بهتر ڳالھه چئبي، بل ۾ رضا رباني تجويز ڏني آهي ته آئين جي آرٽيڪل 57,62,72,73,86,89,126,159،160,162 ۽ 166  ۾ ترميم ڪئي وڃي، جنهن تحت سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اختيار برابر ڪيا وڃن، سينيٽ کي مالي اختيار ڏنا وڃن، صوبي کان ٻاهرين ماڻهو کي سينيٽر چونڊڻ تي پابندي لڳائي وڃي، صوبي جي وڏي وزير کي اهو اختيار هجي ته هو سينيٽ ۾ پنهجي صوبي جي تجويزن يا تحفظات تي ڳالهائي سگهي. ….
ڇا ته تجويزون آهن..پر رضا رباني کان ڪير اهو ته پڇي ته جنهن آرٽيڪل 62 ۾ ترميم جي تجويز آهي ان تحت ته صوبي جي ئي رهواسي کي ئي ان صوبي جي سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اختيار آهي ٻاهرين صوبي جو ڪو شخص سينيٽ اليڪشن نٿو وڙهي سگهي پر هتي ٻه نمبري اها ٿئي ٿي ته نامنينيشن فارم ڀرڻ کان ڪجھه ڏينهن اڳ ٻاهرين صوبن جا رهواسي ان صوبي جي ووٽر لسٽ ۾ نالو لکرائي سينيٽ جي اليڪشن ۾ حصي وٺڻ جا اهل ٿي ٿا وڃن. ترميم ته اها ٿيڻ کپي ته صوبي جو مستقل رهواسي ئي ان صوبي مان سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو پر ان جي ابتڙ عارضي رهائشي سينيٽر ٿيو وڃن رڳو ووٽر لسٽ ۾ نالو لکرايو جيڪا ان صوبي جي ماڻهن سان ويساههگهاتي آهي. ان ڪري آرٽيڪل 62 ۾ ترميم جي تجويز بهتر آهي جنهن جي تائيد ٿيڻ کپي ٻي تجويز آرٽيڪل 57 ۾ ترميم جي آهي ان آرٽيڪل ۾ آهي ته وزيراعظم، وفاقي وزير ۽ مشير سينيٽ ۾ ويهي سگهن ٿا ۽ انهن کي ڳالهائڻ جو به حق آهي رضا رباني ترميم تجويز ڪيو آهي ته صوبي جي وڏي وزير کي به اهو حق ڏنو وڃي ته هو سينيٽ ۾ ڳالهائي سگهي ۽ پنهجي صوبي جي نمائندگي ڪري سگهي.
سينيٽ ئي اهو واحد ادارو آهي جنهن ۾ اڪثريت واري پارٽي آئين ۾ ترميم ڪرڻ يا ان ترميم کي ناڪام ڪرڻ جو اختيار حاصل ڪري وٺندي آهي. سينيٽ کي پارليامينٽ جي ايوان بالا يعني مٿئين ايوان جي حيثيت حاصل آهي، ان سان گڏ قومي اسيمبلي مان پاس ٿيندڙ هر بل سواءِ مالياتي بل جي سينيٽ جي پاس ڪرڻ سان ئي قانون بڻجي ٿو. هاڻ ان آرٽيڪل ۾ به ترميم جي تجويز آهي ته مالياتي بل تي بحث ڪرڻ، ان کي منظور ڪرڻ جا اختيار سينيٽ کي به ڏنا وڃن. آئين جي آرٽيڪل 73 جنهن جو تعلق مالياتي معاملن سان آهي ان ۾ رضا رباني ترميم جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته مالياتي بل ۾ سينيٽ جيڪي تجويزون ڏئي قومي اسيمبلي جيڪڏهن ان کي رد ڪري ته ان جا واضح سبب سينيٽ کي ٻڌائي. جنهن جو صاف مطلب ته قومي اسيمبلي جيان سينيٽ کي به مالياتي بل تي بحث ۽ منظوري جو پورو پورو اختيار هجي.
سينيٽ کي ڪنهن قدر احتساب ۽ حڪومت وقت جي پاليسين ۽ قانون سازي تي نظر رکڻ جو به اختيار آهي ان ڪري هر صوبي مان هڪ جيترا ميمبر رکندڙ هن وفاق جي علامت واري اداري جي اهميت تمام گهڻي هجڻ گهرجي پر جيئن ته پاڪستان جو آئين وفاقي نوعيت جو آهي ان ۾ قومي اسيمبلي جي اهميت وڌيڪ آهي. سينيٽ کي مالياتي بل تي بحث ڪرڻ يا ان کي پاس ڪرڻ جو ڪو اختيار ڪونهي سينيٽ کي سڀني صوبن قومن جي مفادن، مالياتي معاملن کي ڏسڻ کپي نه ڪي امن امان، مهانگائي ۽ ٻين مسئلن تي پيا غور ڪن. انهن مسئلن لاءِ ته قومي اسيمبلي به موجود آهي اصولي طور ته سڀني کي پنهجين پارٽين مان هر شعبي جي ماهرن کي سينيٽر چونڊرائڻ گهرجي نه ڪي پارٽي جا بينر هڻندڙ، نعرا لڳائيندڙ ورڪرز، انهن ورڪرز جي جاءِ بلدياتي، قومي ۽ صوبائي اسيمبليون آهن. هن وقت هر پارٽي جو زور ميمبر چونڊرائي اڪثريت حاصل ڪرڻ تي آهي، سينيٽ جيڪو پاڪستاني پارليامينٽ جو اعليٰ ترين ادارو آهي جنهن ۾ هر صوبي مان سينيٽر هجن ٿا ان کي اعليٰ ترين ادارو سمجهيو وڃي ٿو ۽ سينيٽ مستقل ادارو آهي جنهن کي ٽوڙي يا ختم نٿو ڪري سگهجي. هن جا اڌ ميمبر هر ٽين سالن بعد ريٽائر ٿي ويندا آهن اهڙي طرح اداري جو تسلسل قائم رهي ٿو، سو ان ۾ آئين کا ناواقف، اڻ پڙهيل ميمبر هوندا ته صوبي جي مفادن جو دفاع ڪير ڪندو، جن کي صوبي جي معاملن جي خبر نه هجي اهي سينيٽ ۾ پنهنجي صوبي جي ڪهڙو ڪيس وڙهندا؟
سينيٽ چئني صوبن جي هڪ جيتري نمائندگي وارو ايوان آهي ان ۾ هر صوبي جي مفادن واري قانونسازي ٿيڻ کپي جتي مالياتي بل جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي، جتي ٻولي بل کي مان ملڻ کپي، جتي صوبن جي خود مختياري جي تحفظ لاءِ آواز اٿڻ کپي، دنيا جي ڍنڍن ۽ ڍورن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ايران ۾ 1971ع ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ سنڌ جي ڏھه ڍنڍن ۽ ڍورن کي شامل ڪيو ويو هو جنهن جي هر سائيٽ جو تحفظ سواليه نشان بڻيل آهي، خاص ڪري انڊس ڊيلٽا. سينيٽ ۾ رامسر سائيٽس تي لڳل راتاهي تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي سينيٽ کي وفاق جي علامت سڏيندڙ ان کي اصل مقصد ڏي وٺي ويندا ؟
ڇا سينيٽ ۾ چئني صوبن جي مفادن بابت قانون سازي ڪندڙ به ڪڏهن چونڊبا؟ ڇا مالياتي ايوارڊ تي ننڍن صوبن جا خدشا ڪڏهن ختم ٿي سگهندا ؟ بدقسمتيءَ سان سنڌ کي مالياتي ايوارڊ جي حوالي سان سدائين تحفظات رهيا آهن، مالياتي ايوارڊ جي حوالي سان اها هن ملڪ جي بدقسمتي آهي جو ملڪ جي قيام بعد ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين صوبن کي اها سڌ به نه رهندي هُئي ته وفاق جي آمدني ڪيتري ٿئي ٿي ۽ ان مان صوبن کي ڪيترو حصو ملي ٿو، پر جڏهن مالياتي ايوارڊ مقرر ٿيو ته صوبن کي اها خبر پوڻ لڳي ته رڪارڊ طور ڪهڙو صوبو وفاقي اوڳاڙيءَ ۽ فنڊن ۾ ڪيترا وسيلا، ڪيترو ٽيڪس ۽ ڪيترا قدرتي وسيلا ڏئي ٿو ۽ موٽ ۾ انهن کي ڇا ٿو ملي. جڏهن شيون رڪارڊ تي اچن ٿيون ته حقيقتون به پڌريون ٿين ٿيون، سنڌ جي اها شڪايت ۽ گهر پنهنجي جاءِ تي اهم ۽ جائز آهي ته سنڌ وڌيڪ وسيلا ڏئي ٿي تنهنڪري ان کي موٽ ۾ حصو به وڌيڪ ڏيڻ گهرجي، اها گهر سنڌ جي نه ته ناجائز آهي ۽ نه ئي غير ضروري آهي. ان ڪري ضروري آهي ته مڙني صوبن مان هڪ جيتري تعداد جي ميمبرن جي ايوان سينيٽ کي مالياتي معاملن بابت با اختيار بڻايو وڃي،
مڙني صوبن جي وچ ۾ اختلافي مسئلو ناڻي ۽ پاڻيءَ جو آهي ان ڪري سينيٽ جي اختيارن جي ورڇ لاءِ ترميمون ڪرڻيون آهن ته سينيٽ جي چونڊ متناسب نمائندگي جي بنياد تي ڪئي وڃي، ميمبر سڌوسنئون چونڊجڻ جو ڪو ميڪنزم جوڙيو وڃي، پنجاھه سيڪڙو پارٽي بنيادن ۽ پنجاھه سيڪڙو ٽيڪنوڪريٽ سيٽون اهڙيون هجن جيڪي پارٽي بدران مختلف شعبن جي ماهرن تي مشتمل هجن جيڪي سڌي ريت ووٽ جي ذريعي منتخب ڪيون وڃن، جيڪي پارٽي پاليسي کان آزاد ٿي ڪو فيصلو ڪري سگهن. پٺتي پيل قومن، جاتين، قبيلن، خاص طور شيڊيولڊ ڪاسٽ جا سينيٽر ته آهن پر اهي پارٽين پاليسين جا محتاج هئڻ ڪري پنهنجي حقن لاءِ آواز نٿا اٿاري سگهن آمر ضياءَ جي وقت شيڊيولڊ ڪاسٽ جاتين جي ڪوٽا پنج سيڪڙو الڳ ۽ اقليت جي ڇھه سيڪڙو الڳ هئي، هاڻ شيديولڊ ڪاسٽ جي ڪوٽا ختم ڪيل آهي ان ڪري انهن ٿورائي وارن جي ميمبر ٿيڻ جو ڪو گس گهيڙ ڪڍيو وڃي ته جيئن اهي پارٽين پابندين کان آزاد سينيٽر ٿي پنهجي اڪثريتي قبيلي بابت سينيٽ ۾ آواز اٿارڻ جي قابل ٿي سگهن. سنڌ جو ڪو دانشور، ڪو ڏاهو، ڪو پاڻي ماهر، ڪو تاريخ جو ڄاڻو، ڪو لاڏائو قبيلي جو فرد ڪنهن پارٽي جي ٽڪيٽ کان سواءِ پارٽي پاليسي کان الڳ رڳو ٽيڪنوڪريٽ جي حيثيت سان سينيٽر ٿئي ته ان جو موُقف پارٽي جي مجبورين کان الڳ ٿي بيهندو، ڇا سينيٽ جي تخليق جي سوچ مطابق انکي اختيار به ملندا يا هميشه قومي اسيمبلي جي پاس ڪيل بل تي رٻڙ اسٽيمپ وارو ڪم ئي ان کان وٺبو رهبو ۽ مستقبل جا رضا رباني ووٽ ڏيڻ وقت ڳوڙها ڳاڙيندا رهندا؟