ڇا اسامه بن لادن شهيد آهي؟ پرڏيهي وزير سوال جو جواب نه ڏنو

0
359
سڀاڻي وائيس چيئرمين جي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران اسامه بن لادن کي شهيد قرار ڏيڻ وارو بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. افٽان ٽي ويو تولو نيوز جي صحافي لطف الله نجفي زاده کانئس پڇيو ته عمران خان اسامه کي شهيد ڪوٺيو هو، جنهن تي پرڏيهي وزير چيو ته ان بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو ۽ ميڊيا جي ڪجهه حلقن ان کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو. ان تي صحافي کانئس پڇيو ته ڇا توهان جي خيال ۾ اسامه شهيد آهي؟ جنهن تي پرڏيهي وزير ٿورو وقفو ڏيندي چيو ته هو ان سوال جو جواب ڏيڻ نٿو چاهي.