ڇا اداڪاره مشال ۽ اداڪار قاسم خان مڱڻي ڪري ڇڏي..؟

0
434

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره مشال خان به اداڪار قاسم خان سان تعلق جوڙڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، مشال خان انسٽا گرام تي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون جنهن ۾ هن کي آڱر ۾ پاتل مُنڊي چمڪي رهي آهي جنهن کانپوءِ هي خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اداڪاره مشال ۽ اداڪار قاسم خان مڱڻي ڪري ڇڏي آهي، پر هن ڳالهه جي تصديق ناهي ٿي سگهي، ٻئي طرف قاسم خان به انسٽا گرام اڪائونٽ ۾ مشال خان سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪندي پيغام لکيو ته توهان سياره زمين تي فرشتا هجڻ تي يقين رکو ٿا ڇو ته مان مشال سان مليو آهيان.