ڇا احتساب عدالتن مان جوابدارن جي بريت جو نيب وٽ حساب ڪتاب آهي؟:سپريم ڪورٽ

0
216
سپريم ڪورٽ ۾ اختيارن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ احتساب عدالتن مان جوابدارن جي بريت بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، عدالت چيو آھي تھ ڇا احتساب عدالتن مان جوابدارن جي بريت جو نيب وٽ حساب ڪتاب آهي؟ نيب ڪيسز ۾ جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب جوابدارن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ وجهندو آهي

 ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار بَرِي ٿي ويندا آهن، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته نيب جي بيورو آفيسز ۾ جوابدارن جي بريت جو سمورو رڪارڊ رکيل هوندو آهي