ڇاڇرو(ن پ ا) ڳوٺ ٽگٽيو ۾ ڪتي حملو ڪري ٻه سال جي معصوم نينگر عبدالرزاق پٽ گلو چوهاڻ کي رتورت  ڪري ڇڏيو،نينگر جو چهرو ڪتن پٽي سخت زخمي ڪري ڇڏيو،سخت زخمي ٿيل نينگر کي وارث ڇاڇرو جي اسپتال کڻائي آيا جتان شروعاتي علاج ڪرڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو.،غريب والدين پنهنجي زخمي نينگر جي حياتي بچائڻ لاءِ  ٽيڪسي ڪار ڪري حيدرآباد جي اسپتال کڻائي ويا جتي علاج هلندڙ آهي،والدين جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر ٻڌائين ٿا حالت خطري کان ٻاهر آهي،چهري تي وڌيڪ زخم آهن هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڇاڇرو اسپتال جي انتظاميه ايمبولينس به ڏني،هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڳوٺ ٽگٽيو ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي 20 کان مٿي ٻڪرين کي به ڏاڙهي ماري ڇڏيو آهي،پوري معاملي تي ڇاڇرو ٽائون ڪميٽي جي انتظاميا ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي،