ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ويجهو ڳوٺ ارنرو لاکا ۾ 21 ورهين جي نوجوان ناري آمنيا زال اڪبر منڱريو جو کوھ مان لاش هٿ آيو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کوھ  مان ڪڍرائي مٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف ناري جي والدين پاران شروعات ۾ دانهيون ته ناري آپگهات نه ڪيو آهي، کيس قتل ڪيو ويو آهي، بعد ۾ برادري جو دٻاءُ اچڻ تي وارثن ميڊيا کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺاڻن ۽ وارثن جا بيان ورتا آهن، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.