ڇاڇرو (ن پ ا) ڳوٺ ميگهي جو تڙ ۾ اوڇتو باھ لڳڻ سبب پورهيت جمعون سميجي جو ڪکائون گهر سڙي رک ٿي ويو. گهر ۾ پيل کٽون، هنڌ بسترا، کاڌي پيتي جو سامان، ڪپڙا، روڪ رقم ۽ ضروري ڪاغذن سميت الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو. باھ لڳڻ شرط اطلاع ڏنو ويو پر فائر برگيڊ گاڏي خراب هئڻ جي ڪري نه پهچي سگهجي. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي نقصان کان بچائي ورتو. باھ متاثر واهر جي اپيل ڪندي چيو ته سڄي زندگيءَ جي ڪمائي سڙي رک ٿي وئي آهي. معصوم ٻارڙن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. هنگامي بنيادن تي مدد ۽ نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.