ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ۾ شهرين اٽو مهانگو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي پورهيتن ايوب منگريو، عالم منگريو، حاڪم سنگراسي، ٻڍو ڀيل، دسرت ميگھواڙ، ڪيلاش ميگھواڙ، مولابخش ۽ ٻين چيو ته دڪاندارن ۽ چڪي مالڪن اٽي جا هٿرادو اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري غريب ماڻهن جو جيئڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، هنن چيو ته مهانگائي جي طوفان ۽ بي روزگاري سبب پورهيت طبقو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، مٿان وري اٽو مهانگو ڪري غريبن جي چيلهه چٻي ڪئي پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اٽو سستو ڪري غريب ماڻهن کي رليف ڏنو وڃي.