ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ويجهو نينگر پاڻيءَ جي ٽئنڪيءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو. خبر موجب ڇاڇري ويجهو ڳوٺ کياڙي جو پار ڀرسان پيروءَ جي ڍاڻيءَ ۾ 12 ورهين جو قمر الدين پٽ رحمت الله سميجو گهر ۾ ٺهيل پاڻي جي ٽئنڪي ۾ ڪِري پيو. واقعي جي ڪجهه دير بعد وارث نينگر کي ٽئنڪيءَ مان ڪڍي ڇاڇرو تعلقي اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.