ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ويجهو ڳوٺ بهار ڀيل جي جيٺو ڀيل پاڙي جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ گذريل 9 سالن کان استاد مقرر نه ٿيڻ سبب شاگردن جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ شاگردن ۽ ڳوٺاڻن ڪمار ڀيل، منگل ڀيل، ڏانون ڀيل،آسن ڀيل، مولچند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، هنن چيو ته سندس ڳوٺ جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ 2013 کان استاد نه پيو ڏنو وڃي، جنهن ڪري 110 معصوم شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي، هنن چيو ته گذريل 9 سالن کان تعليم کاتي ڇاڇرو ۽ مٺي جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ ماستر مقرر ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.