ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري شهر جي بجير پاڙي جي رهواسي نوجوان شاهنواز بجير جو 6 سالن جي پٽ عامر جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد سندس جسم جو هيٺيون حصو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، ان ڏس ۾ والد ٻار کي ڇاڇرو اسپتال کڻائي آيو، جتي ڊاڪٽرن پاران ڪجهه ميڊيڪل ٽسٽون ڪرايون ويون، علاج باوجود ٻالڪ جي صحت ۾ بهتري نه اچي سگهي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن پوليو هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، اسپتال جي ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر انيل جو چوڻ هو ته ٻار جي طبيعت اوچتو خراب ٿي، في الحال ڪجهه به نٿو چئي سگهجي، ٽيسٽون ڪرايون وينديون، ڊي ايچ او کي اطلاع ڏنو آهي، ان حوالي سان بعد ۾ ڊبليو ايف جي ٽيم ڇاڇرو پهتي، جنهن ٻار جو معائنو ڪيو ۽ ضروري ٽيسٽ لاءِ جزا ورتا،