ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ۽ ڏاهلي سميت ٿرپارڪر جي مختلف ڳوٺن ۾ اٽو 6000 هزار رپيا في مڻ وڪرو ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري غريب عوام جون دانهون نڪري ويون آهن، ڇاڇرو ۾ معصوم ٻارڙن، شهرين ۽ مزدورن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شهر جي مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي، ان موقعي تي نيڻو ڀيل، ڪانجي ڀيل، هرچند، ڪيلاش ميگھواڙ، علي محمد، قربان نهڙي، حاڪم ڀيل ۽ ٻين چيو ته ٿر جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اٽي جو في مڻ 6000 روپين تائين پهچي ويو آهي، غريب مسڪين ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائڻ کان به محروم آهن، هنن چيو ته حڪمرانن غريب عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائي ظلم ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سستو اٽو فراهم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.