ڇاڇرو ڀرسان همراهه مبينا طور کوھ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
303

ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو ڀرسان ڳوٺ راڄوڙو ۾ 45 ورهين جي اڌڙوٽ مبينا طور کوھ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.

لونگ پٽ جمعون ڪنڀار کي کوھ مان زخمي حالت ۾ ڪڍي کيس مبارڪ رند شهر جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جتي هو فوت ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته همراهه جي آپگهات ڪرڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، واقعي جي جاج ڪري رهيا آهيون.