ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ويجهو ڳوٺ سمون رند جي ابراهيم پاڙي جي گرلز پرائمري اسڪول گذريل 20 سالن کان جهوپڙي ۾ هلي رهيو آهي، جڏهن ته ماسترياڻي مقرر نه هجڻ سبب ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول هلائي رهيا آهن، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن لعل محمد رند، جيئندو خان رند، مرتضيٰ، جلال قاسم ۽ ٻين چيو ته 2003 ۾ پرائمري اسڪول منظور ڪيو ويو، جنهن جي اڄ ڏينهن تائين نه عمارت ملي آهي ۽ نه ئي ماسترياني مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري معصوم ٻارڙيون پٽ تي ويهي کليل آسمان هيٺ تعيلم حاصل ڪري رهيون آهن، هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي عملدارن کي درخواستون ڏنيون آهن پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، هنن مطالبو ڪيو ته عمارت ڏئي ٻيون سهولتو فراهم ڪيون وڃن.