ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ويجهو باهه سبب ٻن پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، خبر موجب ڳوٺ روهيراڙو ڀيل ۾ آڏو مل ڀيل ۽ آتم ڀيل جي ڪکائين گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب سندن گهرن ۾ پيل کاڌي پيتي جو سامان، کٽون، بسترا، ڪپڙا، زيور ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.