ڇاڇرو (رپورٽ: جبار نهڙيو) ڇاڇرو اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي مبينا غفلت ڪندي ڳورهاري عورت جي ويم دوران ٻار  جو سر ڪٽي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو، ٻار جي سسي عورت جي پيٽ ۾ رهجي وئي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج کان جواب، عورت حيدرآباد اسپتال منتقل، ڊاڪٽرن آپريشن ڪري ٻار جي رهجي ويل سسي ڪڍي ورتي، خبر موجب ليرڙيا ڳوٺ جي پورهيت ڌرمون ڀيل ٻڌايو ته هو گهر واري ملوڪي ڀيل کي ڊليوري لاءِ ڇاڇرو جي لو اينڊ ٽرسٽ اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرياڻي ۽ ٻئي عملي ڊليوري دوران غلط آپريشن ڪري ٻار کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو ۽ رڳو ڌڙ ڪٽي ٻاهر ڪڍي ورتو، جڏهن ته ٻار جي سسي عورت جي پيٽ ۾ رهجي وئي، پورهيت موجب اهڙي صورتحال سبب وڌيڪ خون وهڻ جي ڪري عورت بيهوش ٿي وئي، هن ٻڌايو ته ان دوران اسپتال انتظاميا عورت جو آپريشن ڪري مردهه ٻار جي سسي ٻاهر ڪڍڻ بدران چيو ته عورت جي پيٽ مان هڪ ٻار نڪتو آهي، جڏهن ته ٻيو ٻار به آهي، اسان ڊليوري نٿا ڪرائي سگهون، اوهان عورت کي مٺي سول اسپتال کڻائي وڃو، پورهيت ٻڌايو ته اسان عورت کي حالت انتهائي خراب ٿيڻ ڪري ٽيڪسي ڪرائي ايمر جنسي ۾ حيدرآباد سول اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن آپريشن ڪري مئل ٻار جي سسي ٻاهر ڪڍي ورتي ۽ عورت جي جسم ۾ پکڙيل زهر واش ڪري سندس زندگي بچائي وئي، عورت جي مڙس صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي نااهل ڊاڪٽرياڻي ۽ اسپتال انتظاميا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.