ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ شيوو چارڻ جي رهواسڻ 30 ورهين جي نوجوان شادي شده ناري رنگو زال تيرٿ ميگهواڙ کي بيهوشي جي حالت ۾ ڇاڇرو اسپتال کڻائي آيا، جتي عورت فوت ٿي وئي، ڊيوٽي ڊاڪٽرن موجب ته ناري جي جسم ۾ زهر پکڙجي ويو هو، جنهن جي ڪري موت ٿيو آهي، وارثن ناري کي اسپتال دير سان پهچايو، ٻي طرف  ٿاڻي کينسر جي ايس ايچ او غلام علي نائيو ٻڌايو ته اسان کي هن معاملي جو ڪو به اطلاع نه مليو آهي نه ئي ڪا ڄاڻ آهي، هوڏانهن   علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري گهرو اڻبڻت تان زهر کائي آپگهات ڪيو آهي،جڏهن ته پوري معاملي جي اصل حقيقت معلوم ٿي نه سگهي آهي.