چڪ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: آل اسٽار رستم ۽ کاهي اليون دلچسپ دنگل بعد ڪامياب

0
138

چڪ (رپورٽ:آزاد انور مهر) چڪ ۾ شاهين ڪرڪيٽ ڪلب جي ميزباني ۾ جاري ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ آل اسٽار رستم ۽ کاهي اليون ڪامياب، لائنس چڪ ۽ شاهين اليون شڪست بعد ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويون.شاهين ڪرڪيٽ ڪلب جي ميزبانيءَ ۾ 8-8 اوورن تي ٻڌل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري آهي، جنهن ۾ 8 ٽيمن حصو ورتو. ٽورنامينٽ جي ٻين سيمي فائنل ميچ لائنس اليون چڪ ۽ آل اسٽار رستم وچ ۾ کيڏي وئي. لائنس ٽيم جي ڪپتان ياسر مهر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 8 اوررن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 118 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو، جڏهن ته سيف الله ڀيو ففٽي ٺاهي نمايان رهيو. آل اسٽار رستم طرفان راشد احمد ۽ رياض احمد 2-2 وڪيٽون ورتيون. آل اسٽار رستم ٽيم طرفان نعيم سومري جي 10 بالن تي 8 ڇڪن جي مدد سان ٽورنامينٽ جي تيز ترين ففٽي اسڪور ڪئي، آزاد ڪڪڙو، نويد احمد به 24-24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. تيز ترين ففٽيءَ سبب ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ميان نعيم سومري کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. جڏهن ته ٻئي سيمي فائنل ۾ شاهين چڪ ۽ کاهي اليون ۾ مقابلو ٿيو.شاهين اليون 138 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، کاهي ٽيم طرفان وحيد هڪڙو 3 ۽  زوهيب سومري 2 وڪيٽون ورتيون، جواب ۾ کاهي اليون حدف آسانيءَ سان حاصل ڪري فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته ميچ ۾ ياسين مهر ۽ احسان شاندار اننگز کيڏي نمايان رهيا.