چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) روهڙي جي پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل چڪ واسڻ اوڏ برادري جي ناري پوجا ڪماري جي  قتل جو جرڳو چڪ ويجهو دودو ڳوٺ ۾ يوسي منگراڻي جي چونڊيل چيئرمين حاجي مشتاق مهر جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ مقتولا ناري جي وارثن ۽ الزام هيٺ آيل ڌر جي چڱن مڙسن سميت اوڏ ۽ لاشاري برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي. ناري پوجا ڪماري اوڏ جو خون ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڌر مٿان 28 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جوابدار واحد بخش لاشاري ۽ ٻين جوابدارن جي وارثن فتوى قبول ڪندي 28 لک ڏنڊ واري رقم مان50 هزار موقعي تي ادا ڪيا، باقي رقم چئن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. ياد رهي ته ناري پوجا ڪماري کي روهڙي لڳ پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو هو.