لکي غلام شاهه/چڪ (رپورٽ : فهيم حيدر منگي/ آزاد انور مهر) چڪ ٿاڻي جي حد ٻڍو ڳوٺ ۾ شر بڊاڻي تڪرار تان هٿياربندن پيءُ ۽ ٻن پٽن کي قتل ڪري ڇڏيو،شر برادري جي هٿياربندن حملو  ڪري نوجوان علي حسن بڊاڻي کي زخمي ڪيو. چڪ پوليس زخمي کي اسپتال کڻائي وڃي رهي هئي ته شر برادري جي هٿياربندن موبائل روڪي پوليس مٿان ڪنٽرول ڪري زخمي علي حسن بڊاڻي، ان جي ڀاءُ نويد بڊاڻي ۽ سندن پيرسن پيءُ شھمير بڊاڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.لکي غلام شاھ ۽ چڪ پوليس پيءُ ۽ سندس ٻن پٽن جا لاش پوليس موبائل ۾ کڻائي لکي غلام شاھ اسپتال پهچايا،جتان ضروري ڪارروائي بعد مقامي ماڻهن حوالي ڪيا ويا .ايس ايچ او چڪ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 30 کان وڌيڪ هٿياربندن پوليس موبائل روڪي ڪري زخمي علي حسن بڊاڻي ان جي ننڍي ڀاءُ نويد بڊاڻي ۽ انهن جي پيءٌ شھمير بڊاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري خوشي مان فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.شر بڊاڻي تڪرار ڪجهه مهينا اڳ سکر ۾ قتل ٿيل جلال شر جي قتل کانپوءِ شروع ٿيو هو، جنهن ۾ 5 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن. هوڏانهن ٽن قتلن کانپوءِ ڌريون مورچا بند آهن، علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو، ٽن ڄڻن جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي گهرن ڪهرام مچي ويو شر بڊاڻي تڪرار 2013 کان ڪارنهن معاملي تان شروع ٿيو فيصلي ۾ بڊاڻي ڌر تي ڪارنهن ثابت ٿي 14 لک عيوضو ڪريم ڏني بڊاڻي شر کي ڀري ڏنو، جنهن عبدالطيف بڊاڻي کي چڪ لڳ جهان خان اسٽاپ تي قتل ٿيو، جنهن بعد عبدالقادر بڊاڻي مارجي ويو پلاند ۾ بڊاڻي ڌر جلال شر قتل ڪيو ويو.