چڪ (ن پ ا) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻورڙي واسي 55 ورهين جي ديدار سيٺار کي  هٿيار بند ٻورڙي ڳوٺ ويجهو پير دادلو وٽان مڇي جي فارم تان اغوا ڪري ويا، ڳوٺاڻو صبح جو گهر نه پهچڻ تي وارثن سنڀال ڪئي ته پورهيت جو سامان ٽارچ وغيره پيل هيو،  سندس ڀاءُ  عبدالغني سيٺار پاران رستم پوليس کي  اغوا  جو اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد رستم ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيرا کڻي ڪچي واري علائقي ۾ گم ڪرڻ بعد واپس ٿي، ٻي طرف  مغوي پورهيت جي ڀاءُ عبدالغني سيٺار جي اڳواڻي ۾ سيٺار برادري جي سوين ڳوٺاڻن ٽريڪٽر ٽراليون ڀري سکر_ شڪارپور روڊ تي تي  زيرو پوائنٽ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مظاهرين دانهيندي چيو ته هٿياربند ڳوٺاڻي کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، مغوي بازياب ڪرايو وڃي، هوڏانهن  اي ايس پي سٽي سيد فاضل شاهه، ڊي ايس پي لکي غلام شاهه اقبال شيخ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ٽن ڏينهن جي مهلت بعد روڊ خالي ڪرائي ڇڏيو.