چڪ واسي نوجوان شادي دعوت بهاني گهرائي مبينا اغوا

0
206

چڪ (ن پ ا) چڪ واسي نوجوان نياز ديدو فيس بڪ جي دوستن پاران شادي جي دعوت بهاني ڪنڌڪوٽ گهرائي کيس مبينا اغوا ڪيو ويو آهي، نوجوان جي وارثن موجب نوجوان فون تي عورت سان بہ ڳالهائيندو هو، خدشو آهي ته عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيو هجي. نوجوان جي وارثن شڪارپور ۽ ڪشمور پوليس کان مدد جي اپيل ڪئي آهي ته نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي، چڪ پوليس ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نوجوان جي گمشدگيءَ بابت اطلاع مليو آهي، هي هني ٽريپ جو معاملو لڳي رهيو آهي جنهن ڪري نوجوان جي لوڪيشن ڪڍرائڻ جو ڪوشش ڪيون پيا.