تنگواڻي (ن پ ا) چڪ پوليس جي مبينا  مقابلي ۾مارجي ويل شاگرد اياز چولياڻي جي تڏي تي ايم اين اي احسان الرحمان مزاري 3 ڏينهن بعد پهتو.ايم اين اي احسان الرحمان مزاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چڪ پوليس شاگرد کي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو، ان بابت اعليٰ اختيارين سان ڳالهائيندس، واقعي جو وارثن جي راضپي مطابق عدالتي جاچ ڪئي وڃي، هوڏانهن  چڪ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل شاگرد اياز چولياڻي جي وارثن پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، هوڏانهن تڪ جو ايم اين اي احسان مزاري ڳوٺ کاهي بجاراڻي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ڳوٺاڻن پاران ايم اين اي احسان رحمان مزاري کان گهر ڪئي ته پوليس گردي خلاف نوٽيس وٺي اعليٰ ايوانن ۾ عدالت کان مٿانهون ٿيندڙ قتل خلاف آواز اٿاريو وڃي، ان موقعي تي وارثن جاڳڻ چولياڻي، غلام مرتضيٰ چولياڻي،عبدالرشيد چولياڻي پاران ٽيجهي جون رسمون مڪمل ٿيڻ بعد ڪورٽ جو در کڙڪائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هنن چيو ته اياز چولياڻي ميٽرڪ جو شاگرد آهي، ان خلاف ڪٿي اين سي به دادخل ناهي، چڪ پوليس کي جيڪڏهن ڪو ثبوت آهي ته منظر عام تي آڻي، هنن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته نوجوان جي قتل جي اڻڌري عدالتي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.