“چڪ” جو اَمُنُ ڏَند ڪَٿائي داستان…!!

0
157
“چڪ” جو اَمُنُ ڏَند ڪَٿائي داستان...!!

 چڪ شهر جيڪو واڻڪي واپار، ادبي سياسي سرگرمين سبب باقي سنڌ ۾ منفرد سڃاڻپ رکندو هو، نوي واري ڏهاڪي ۾ عوامي سجاڳيءَ سبب مشهور اهو چڪ شهر جنهن جو ماضي ته شاندار آهي پر حال جي صورتحال خوفناڪ آهي ۽ مستقبل جو پتو ئي ناهي ڇاڪاڻ ته ان تاريخي شهر جي ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين پکڙيل سندس ڀرپاسي جي علائقي ۾ هن وقت بدامني جو راڄ آهي. چڪ واري علائقي ۾ چورين، ڦرن جون وڌندڙ وارداتون هڪ دفعو وري ٻيهر منظم ۽ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري چڪيون آهن چڪ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ بدامني پنهنجي وجود جو احساس مختلف واقعن جي صورت ۾ ڏياري ٿي شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي جو هن علائقي ۾ لفظ “قانون” جي نالي تي لاقانونيت جو لقاءُ نظر نه ايندو هجي.

اهڙو ئي هڪ خوفناڪ واقعو گذريل رات  ٿيو آهي جنهن ۾نامعلوم هٿياربند جي فائرنگ ۾ چڪ جي فتح ڳوٺ واسي زخمي ٿيل ڪار ڊرائيور حاڪم مهر سکر اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. شروعات اطلاع موجب ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي نوجوان کي گوليون هنيون ويون پر گڏوگڏ علائقي ۾ اهي افواهه پڻ گردش ڪندا رهيا ته مقتول نوجوان حاڪم مهر جتوئي-جاگيراڻي تڪرار سبب بيگناهه قتل ٿي ويو جنهن بابت چيو پيو وڃي ته مقتول نوجوان جاگيراڻي برادريءَ سان تعلق رکندڙ عبدالنبي جاگيراڻيءَ جو ڪار ڊرائيور هو، چڪ پوليس موجب کيس جاگيراڻي سمجهي قتل ڪيو ويو آهي. اهڙي واقعي کانپوءِ بدامنيءَ کان بيزار چڪ جي سڄاڻ شهرين جي سڏ تي نه صرف شهر ۾ شٽربند ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي پر ڊاڪٽر نويد مهر، غلام قادر مهر، سعود احمد ڀيو، ذوالفقار سيٺار، سليم الله مهر، عبدالطيف ڀيو ۽ امداد تبسم جي اڳواڻيءَ ۾ سوين شهرين ريلي ڪڍي پنج گهٽي چوڪ تي ڌرڻو هڻي چڪ پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي قاتل جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو. چڪ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ چورين، ڦرن ۽ نئين سر شروع ٿيندڙ وارداتن چڪ ۽ ڀرپاسي جي هزارين ماڻهن کي ختم نه ٿيندڙ خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو چڪ شهر سندس پسگردائي جو عوام هڪ طرف بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي ته ٻئي طرف بدامنيءَ جي بدمست ديوَ اڳيان هرڻي جيان هيسيل عوام جي حڪومت توڙي اپوزيشن ۾ ويٺل سياسي ڌرين ڪابه واهر نه ڪئي آهي. سخت سرديءَ جي موسم ۾ آرامي تر جي مڙني ننڍن توڙي وڏيرن کي عوام ياد ته آهي

پر عوام جي اصطلاحي معنيٰ انهن وڏن توڙي ننڍن وڏيرن جي ڊڪشنريءَ ۾ اها آهي ته “اهڙي مخلوق جنهن کان ووٽ وٺي وساري ڇڏبو آهي”. ڪجهه عرصو اڳ چڪ ۽ ڀرپاسي ۾ ڌاڙن، ڦرن چورين جون وارداتون جيئن وڌي رهيون هيون تنهن مان اندازو ڪري سگهجي پيو ته هاڻي ڇوٽ ڇڏيل ڏوهاري ڏوهي وارداتن لاءِ سج لهڻ جو انتظار به نٿا ڪن هاڻوڪن ڏوهارين جي همٿ سج لهڻَ سان مشروط ناهي هاڻي ته هو ڏينهن ڏٺي جو ديدادليريءَ سان ڏوهه ڪن ٿا. اهڙي خطرناڪ صورتحال هوندي به شڪارپور پوليس امن جي صورتحال بهتر هجڻ جون دعوائون ڪري ٿي پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي ڇاڪاڻ اخباري خبرون پڙهندي پتو پوي ٿو ته هن علائقي ۾ هر سج نروار ٿيندڙ بدامني جو مڪروهه مهانڊو ڏيکاري ٿو جيڪو قانوني بالادستيءَ واري انتظامي دعويٰ جي پت وائکي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. توڙي جو شڪارپو ضلعي جا حڪومت ۾ ويٺل سرڪاري نمائنده ۽ شڪارپور پوليس سڀ صرف قانون جي رٽ بحال ڪرڻ واري داعوائن تي سموري توانائي صرف ڪرڻ ۾ رڌل آهن پر شڪارپور ضلعي جي چڪ شهر ۾ بدامني پنهنجي وجود جو احساس مختلف واقعن جي صورت ۾ ڏياريندي رهي ٿي. بي لغام لاقانونيت هونئن ته سڄي شڪارپور ضلعي ۾ هن سرد موسم ۾ ڪوهيڙي وانگر ڇانيل آهي پر خاص طور چڪ شهر ان شدت جي لپيٽ ۾آهي جتي صرف هڪ هفتي دوران چڪ-سکر ۽ چڪ رستم روڊ تان نه صرف ڦر جون 17 وارداتون ٿيون آهن پر ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ يا گاڏي نه روڪڻ تي 5 ماڻهن کي زخمي ڪيو ويو آهي.

چڪ ۽ ڀرپاسي ۾ امن جي بگڙيل صورتحال کانپوءِ ان ڳالهه جي اشد ضرورت آهي ته قانون پنهنجي وجود جو احساس ڏياري ڇو ته خلق خدا جي تحفظ لاءِ سرڪاري مشينري، پوليس ٿاڻا ۽ لاتعداد اهلڪار به آهن روڊن رستن تي چيڪ پوسٽون علائقن ۾ چوڪيون به آهن ۽ رات جو پوليس موبائلون گشت به ڪن ٿيون پر ان باوجود ڏوهي وارداتن بعد جڏهن ماڻهن جي عدم تحفظ جي صورتحال تي جڏهن ڪو سوال اٿاريو ٿو وڃي ته ذميوار پوليس اختياريون سالن کان اهو رٽيل جملو ورجائين ٿيون ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي امن امان جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي.سنڌ جي حڪمرانن توڙي هن علائقي مان چونڊيل وڏن ماڻهن کي ڀلي ان خوف جو اندازو نه هجي پر  ڏوهارين پاران تسلسل سان ٿيندڙ ڪاررواين هن شهر جي هزارين ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. عدم تحفظ جي ان احساس ۽ خوف کي ڀارتي فلمن شعلي ۽ ميلا جهڙين ڀارتي فلمن جي منظرن سان ڀيٽي سگهون ٿا جنهن ۾ ڌاڙيل المعروف ڊاڪن جون رهزنيون ماڻهن، نوجوان نياڻين کي سج لهڻ کان پهرين گهر اندر بند ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون آهن. فرق اهو آهي ته فلم واري دهشت ڪجهه ڪلاڪن لاءِ هوندي آهي هتي ڦورن ۽ ڌاڙيلن جي دهشت علائقي هزارين ماڻهن کي دهشت ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

بدامنيءَ جو اثر اهو ڪونهي ته ماڻهو صرف ننڊون نٿا ڪن پر ان جو خطرناڪ اثر اهو به آهي ڪاروبار متاثر ٿئي ٿو. ڦر چورين سبب عدم تحفظ جي حالت اها آهي جو جيڪڏهن پوليس سميت سرڪاري مشينري ڪنهن ماڻهو کي ڦرجڻ کان بچائي نٿي سگهي ته ڦرجي وڃڻ کانپوءِ به اهڙي چر پر نظر نٿي اچي جو چور چوري ۽ سينا زوريءَ ڪرڻ واري حرڪت کان باز اچن. قانون جي ڪن لاٽاري سبب تسلسل سان ٿيندڙ واقعن اڳيان اسپيڊ بريڪر ٻڌڻ جي ضرورت آهي. علائقي جي پوليس جڏهن وي آءِ پيز جي پروٽوڪول کان واندي ٿئي ته قانون جي بالادستيءَ واري اصطلاح کي عملي شڪل ڏيئي جيئن چڪ جي هزارين ماڻهن مان عدم تحفظ جو احساس ختم ٿئي.