لاهور (م ڊ) سيشن ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن فواد چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. لاهور جي ايڊيشنل سيشن جج پريس ڪانفرنس ۾ چڙ ڏياريندڙ ڳالهيون ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪيس ۾ عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. فواد چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي عدالت ۾ پيش ٿيا. فاضل جج چيو ته پوليس رپورٽ موجب اوهان جاچ ۾ شامل نه پيا ٿيو، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي جاچ جي ڪابه خبر نه آهي. جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. فواد چوڌري چيو ته جاچ آفيسر اسان کي نه پيا ملن، قلم ضمانت جوڳا آهن، اسان ٿاڻي به ويا آهيون پر اتي به جاچ آفيسر نٿو ملي. پراسيڪيوشن پاڻ هن ڪيس ۾ سنجيده نظر نه پيو اچي. ٻڌڻي دوران فواد چوڌري جي وڪيل ضمانت اڄ ئي ڪنفرم ڪرڻ جي استدعا ڪئي. ٻڌڻي دوران جج پي ٽي آءِ اڳواڻن کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ٻنهي اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 13 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ ان کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ايس پي انويسٽيگيشن کي جاچ آفيسر جي حاضري يقيني بنائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان موقعي تي فواد چوڌري صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان روڊ تي پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهيون ته اسان مٿان ڪيس ڇو پيا داخل ٿين، اسان هنن کان نٿا ڊڄون. هن چيو ته عمران خان خلاف 40 ڪيس دهشتگردي جا آهن. دهشتگردي جا ڪيس اسلام آباد ۾ داخل آهن جڏهن ته عمران خان اتي موجود ئي نه هو.
فواد چوڌري چيو ته پهريان پي ٽي آءِ جي حڪومت محلاتي سازشن سان ختم ڪئي وئي. هاڻ جوڊيشري کي تڪراري بنايو پيو وڃي، تحريڪ انصاف آئين سان گڏ بيٺل آهي.