چٽاگانگ ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن: مشفيق ۽ لٽن داس جي شاندار بيٽنگ، بنگلاديش جون 253 رنز

0
470
چٽاگانگ ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن
چٽاگانگ ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن

چٽاگانگ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ جي پهرين اننگز جي پهرين ڏينهن بنگلاديش 4 وڪيٽن جي نقصان تي 253 رنز ٺاهي ورتيون. چٽا گانگ جي ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ ۾ بنگلاديش طرفان شاد مان اسلام ۽ سيف حسن اننگز شروع ڪئي پر ٻئي اوپنرز 33 رنز تي پويلين موٽي ويا ۽ ٻنهي 14-14 رنز ٺاهيون.

بنگلاديش جو ڪپتان مومن الحق به 6 رنز جو مهمان ثابت يو، جڏهن ته نجم الحسن شنٽو 14 رنز ٺاهيون. 49 رنز تي بنگلاديش جا 4 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا ته مشفيق الرحيم ۽ لٽن داس ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو. لٽن داس پهرين ٽيسٽ سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته مشفيق الرحيم به ففٽي اسڪور ڪري چڪو آهي.

خراب روشني جي ڪري پهرين ڏينهن جي راند  5 اوور پهريان ئي ختم ڪئي وئي، راند ختم ٿي ته لٽن داس 113 ۽ مشفيق الرحيم 82 رنز سان وڪيٽ تي موجود هئا ۽ بنگلاديش 4 وڪيٽن جي نقصان تي 253 رنز ٺاهيون. ٻئي پاسي پاڪستان طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪندڙ عبدالله شفيق کي ڪپتان بابر اعظم گرين ڪيپ ڏني.