ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لکين رپين جا چيڪ بائونس ٿيڻ واري ڪيس ۾ پراسيڪيوشن جوابدارن خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب، عدالت جوابدارن عمران بٽ ۽ علي شان بٽ کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائيندي مٿن 45 هزار ڏنڊ پڻ لاڳو ڪري ڇڏيو، جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ لکين رپين جا چيڪ بائونس ٿيڻ واري ڪيس ۾ 2 جوابدارن عمران بٽ ۽ علي شان بٽ کي 3 سال قيد ۽ 45 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدارن خلاف سي ويو ٿاڻي تي 3  چيڪ بائونس ٿيڻ جو ڪيس داخل ٿيل آھي.