بيجنگ (م ڊ) چين ۾ وري ڪورونا، 27 هزار کان وڌيڪ ڪيسن جي تصديق، 2/ ڄڻا فوت ٿي ويا، چين ۾ ڪورونا ڪيسن جي تعداد ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، ان کان اڳ 20 نومبر تي بيجنگ ۾ ڪورونا وائرس سبب 87 ورهين جو شخص زندگي جي جنگ هارائي ويو هو، جيڪو مئي 2022ع کانپوءِ ڪورونا وگهي پهرين فوتگي هئي، ڪالهه 21 نومبر تي به بيجنگ ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، چائنا نيشنل هيلٿ ڪميشن مطابق 81 ورهين جي عورت ۽ 88 ورهين جو مرد ڪورونا وگهي دم ڏنو. ڪجهه هفتن دوران ڪورونا جا 27 هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن،