چين ۾ طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي، 18 لک ماڻهو متاثر، هزارين گهر تباهه

0
293
طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي

ڪراچي(م ڊ) چين جي اتر واري صوبي شين زي ۾ طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي، لکين ماڻهو لڏڻ پلاڻ تي مجبور آهن.

چيني ميڊيا موجب گذريل هفتي شين زي ۾ تيز طوفاني برساتن سبب صوبي جي 70 ضلعن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا.

مقامي ميڊيا موجب  طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ صوبي ۾ 17 لک 60 هزار کان وڌ يڪ ماڻهو سخت متاثر ٿيا آهن.

چيني عملدارن جو چوڻ آهي ته تيز برساتن سبب ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ لک 20 هزار ماڻهن کي فوري طور تي ٻاهر ڪڍي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ تقريبن17 هزار گهر مڪمل تباهه ٿي ويا ۽  4 پوليس اهلڪار به مارجي ويا آهن.

چين جي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفاني برساتن امدادي ڪاررواين کي سخت متاثر ڪيو آهي.

چين جي سرڪري ميڊيا جو چوڻ آهي ته  شين زئي ۾ ٻوڏ واري صورتحال هن سال جي شروعات ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهه ڪندڙ آهي.

ياد رهي ته چين ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال ٽن مهينن کان به گھٽ عرصي ۾  پِيش آئي آهي، هن کان اڳ چين جي ھونان صوبي ۾ سخت برساتن سبب اٽڪل 300 ماڻھو مري ويا هئا.