اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته 9 هفتن جي امپورٽيڊ سرڪار جو هڪ وڌيڪ شرمناڪ ڪارنامو سامهون آيو آهي، پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته امپورٽيڊ سرڪار جي آمريڪا جي غلاماڻي پرڏيهي پاليسي سبب پاڙيسري ۽ ويجهي ترين دوست چين جو به رويو بدلجڻ لڳو آهي، شيرين مزاري چيو ته بيجنگ ۾ ٿيل تقريب ۾ چين ڀارت، روس ۽ ايران سوڌو 17 ملڪن کي شرڪت جي دعوت ڏني، پاڪستان کي نظر انداز ڪيو ويو. هن چيو ته عمران خان جڏهن وزيراعظم هو تڏهن پاڪستان جي چيني قيادت سان ويجهڙائي مثالي هئي.