چين پاران ڪوئلي مان توانائي حاصل ڪرڻ وارا منصوبا ختم ڪرڻ جو اعلان

0
521

ڪراچي(م ڊ) چين جي صدر شي جن پنگ ڪوئلي مان توانائي حاصل ڪرڻ وارا منصوبا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي چيني صدر شي جن پنگ جو چوڻ هو ته ڪورونا وبا کانپوءِ انساني ترقي لاءِ نوان موقعا تلاش ڪرڻا پوندا.
شي جن پنگ جو چوڻ هو ته بيلٽ اينڊ روڊ منصوبن تحت چين سڄي دنيا ۾ انفرا اسٽرڪچر تعمير ڪيون آهن، موسمياتي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڪوششون تيز ڪيون وڃن.
صدر شي ڪن پنگ جو چوڻ آهي ته چين ترقي يافته ملڪن کي گهٽ ڪاربن سان توانائي حاصل ٿيندڙ منصوبن ۾ مدد فراهم ڪندو ۽ ٻاهرين ملڪن جي ڪوئلي مان توانائي جا نوان منصوبا نه ٺاهيندو.