چين پاران هٿرادو سج ٺاهڻ واريون خبرون ڪوڙيون نڪتيون

0
584

بيجنگ (دلچسپ نيوز) ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ  وڊيو نظر آئي، جنهن بابت دعويٰ ڪئي وئي ته چين هڪ هٿرادو سج جي تياري جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ماڻهن جو هڪ ميڙاڪو  موبائلز فونز  کڻي سمنڊ ڪناري بيٺل نظر اچي رهيو آهي، جنهن ۾ ماڻهو زمين مان نڪرندڙ روشني ۽ سج  جيان چمڪندڙ هڪ گولي جي رڪارڊنگ ڪري رهيا آهن

ان وڊيو کي 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا آهن.پرڏيهي خابرو اداري پاران فيڪٽ  چيڪ ڪري هڪ رپورٽ ۾ اهڙي دعويٰ کي  غلط قرار ڏنو ويو آهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته غور هيٺ هي وڊيو ڪنهن هٿرادو سج جي لانچنگ بدران چين جي شهر وينچانگ ۾ اسپيس ڪرافٽ لانچ سائٽ تي راڪيٽ لانچنگ جي آهي