ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي، ڪالهه  ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيني ڪمپني يوٽنگ جي مينيجر پائول زهانگ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ پبلڪ ٽرانسپورٽ مينوفيڪچرنگ پلانٽ منصوبي تي اڳڀرائي رپورٽ جو جائزو ورتو ويو، ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته پلانٽ 15 کان 18 ايڪڙن تي لڳايو ويندو، جنهن ۾ ساليانو 500 بسون تيار ڪرڻ جي صلاحيت هوندي، پلانٽ جي اڏاوت ۾ 16 کان 20 مهينا لڳي سگھندا. ان ڏس ۾صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت مينوفيڪچرنگ پلانٽ ۾ سنڌ بينڪ ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ذريعي ڀائيواري ڪري سگهي ٿي يا يوٽونگ خانگي شعبي مان مقامي پارٽنر جي چونڊ پڻ ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته اسان پلانٽ لاءِ  هر سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته ٽرانسپورٽ پلانٽ لڳڻ سان گهٽ قيمت  تي معياري بسون مقامي سطح تي ميسر ٿي وينديون.