سري نگر (م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ جي _20 اجلاس جو اجلاس شروع ٿي ويو آهي. هن اجلاس ۾ چين ۽ سعودي عرب سميت اهم ملڪ شريڪ ناهن. والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ترڪيه، يو اي اِي به شريڪ نه ٿيا آهن. چين ۽ پاڪستان والاريل خطي ڪشمير ۾ اجلاس منعقد ڪرڻ جي مذمت ڪئي هئي . والاريل ڪشمير ۾ جي _20  اجلاس ڪرائڻ سان ڀارت جو مقصد انساني حقن جي ڀڃڪڙي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيندڙ والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي هجڻ جو تاثر ڏيڻ هو. پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي جي رپورٽ موجب جي_20 اجلاس ۾ حملن جي خدشي کان بچڻ لاءِ سڪيورٽي جا انتهاي سخت انتظام ڪيل آهن ۽ ڀارت وڏي تعداد ۾ فوجي مقرر ڪري ڇڏيا آهن. اختياري چيڪ پوائنٽون، ڪنڊي دار تارون ۽ ڌاتي ڄاريون رات پيٽ ۾ هٽائي ڇڏيا هئا ۽ ڪيترن ئي سڪيورٽي اهلڪارن جي_20 اجلاس جي اشتهاري بورڊن جي پويان لڪي ڊيوٽي ڪئي. ياد رهي ته والاريل ڪشمير ۾ نئين گروپ پيپلز اينٽي فاشسٽ فرنٽ پاران جي 20 اجلاس ڪرائڻ جي مذمت ڪندي خود ڪش بمبار اماڻڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي.