چيلهار (ن پ ا) چيلھار ويجهو مصري شاھ درگاھ ڀرسان تيز رفتار ڪار ٽائي راڊ ٽٽڻ ڪري ڪلٽيون کائي اونڌي ٿي پئي، نتيجي ۾ ڇور جا رھواسي 6 گهرڀاتي روھت مھراج، سندس گهر واري ۽ 4 ڌيئرون سخت زخمي ٿي پيون جن کي چيلھار اسپتال ۾ داخل ڪري علاج شروع ڪيو ويو آهي. زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وڃي ٿي.