چيلهه تي هٿ رکي سيلفي ڪڍرائڻ پسند ناهي:انوشي اشرف

0
275

ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري ميزبان ۽ اداڪارا انوشي اشرف پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ مردن کي سوشل ميڊيا پيغام ذريعي تنبيهه ڪئي آهي.اداڪارا ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ ڪم ڪندڙن ۽ دوستن ۾ فرق واضح ڪيو

هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گڏ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته مان توهان جي تمام سٺي ۽ خاص دوست بڻجي ويس ۽ توهان ايونٽن ۾ منهنجي چيلهه تي هٿ رکي سيلفي وٺي سگهو ٿا.هن ڪنهن جو نالو کڻڻ بنا چيو ته اسان ڪوليگز آهيون دوست نه، ان ۾ فرق ڄاڻو، انسان جي پنهنجي پرائيويسي هوندي آهي.