چيلھار (ن پ ا) چيلھار۾ ٻئي ڏينھن به ڌانڌل ڪالوني جي ڳوٺاڻن ڪامريڊ گومو مل جي اگواڻي ۾ لڌو، ھيمو، مانو، ھرجي، ڪانجي، اکو ڀڳڙو ڀيل ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين الزام هنيو ته اسان جي پلاٽن تي تڪرار هلندڙ آهي، جنھن جو ڪيس ڪورٽ ۾ آھي، هنن چيو ته  رات اسين ٻنين ۾ ھئاسين ته پويان بااثرن پوليس ساڻ ڪري اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪيون، ۽ اسان جا 25 گهر ساڙي ڇڏيا، جنهن سبب رڍو سڙي ويون ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو هڻنداسين.