چيلهار(ن پ ا) چيلهار ۾ سرڪاري ڪوٽا واري ڪڻڪ وڌائي ڏيڻ باوجود حڪومتي اگھه تي عمل نه ٿي سگهيو، مزدور طبقي لاءِ  ساڳي مشڪلاتون برقرار آهن، ان حوالي سان شهر جي پورهيتن دانيهندي چيو ته حڪومت 75 رپيا في ڪلو اٽو ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، پرضلعي جا فوڊ عملدار توڙي انتظاميه حڪومتي اگھه تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهيا آهن، تنهنڪري  فلور ملز تي اڄ به اٽو 130 کان 150 سئو رپيا ڪلو تائين ملي رهيو آهي، جنهن سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اٽو سستو ڪيو وڃي.