چيلھار (ن پ ا) چيلهار ٽوڀي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي بااثرن پاران مبينا طور قبضو ڪري  گرائونڊ جي احاطي ۾ اڏاوت شروع ڪري ڏني، جنهن بعد پوليس سرزمين تي پهتي ۽ بنا ڪنهن ڪارروائي جي واپس رواني ٿي وئي، ٻي طرف  رانديگرن اوم پرڪاش  سريش ڪمار ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته بااثرن گرائونڊ تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي پوليس سندن خلاف ڪارروائي لاءِ تيار ناهي، راند کيڏڻ کان محروم آهيون، مامري جو نوٽيس ورتو وڃي.