چيلهار (ن پ ا) ٿرپارڪر جي مشهور ۽ تاريخي تفريح گاهه راڻاسر ترائي ۾ مٽي کڻڻ جو سلسلو بند ناهي ٿي سگهيو، جنهن سبب ترائي تي جمع ٿيندڙ پاڻي جا اصل وهڪرا ۽ لنگھه پڻ بند ٿيڻ لڳا آهن ۽ تاريخي تفريح گاهه اجڙڻ لڳو آهي، ان سلسلي ۾ شهر جي ساڃاهه وندن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙا تفريحي ماڳ علائقن جي سڃاڻپ هوندا آهن، تاريخي ترائي کي سنڌ جي نالي وارن شاعرن شيخ اياز، احمد سولنگي ۽ ٻين به پنهنجي شاعري ۾ ڀيٽا ڏني آهي، هنن چيو ته ڪجهه بااثر ڌريون کوٽائي ڪري ترائي جي اصل شڪل بڳاڙي رهيون آهن، هنن چيو ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين سياح تفريحي ماڳ تي اچن ٿا جيڪي هاڻي مايوس ٿي موٽي ويندا، هنن گهر ڪئي ته راڻاسر ترائي مان کوٽائي وارو سلسلو بند ڪرائي تاريخي ماڳ کي اجڙڻ کان بچايو وڃي.