ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر صوبائي وزير سعيد غني جي موجودگي ۾ مزدور اڳواڻ لياقت ساهي سميت شاهه فيصل ڪالوني جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلزپارٽي اڳواڻ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اها ملڪ جي بدقسمتي آهي جو ادارا پنهنجون حدون اورانگهي مداخلت ڪن ٿا، ماضي ۾ ثاقب نثار پنهنجون حدون اورانگهي ملڪ کي نقصان پهچايو، سندس چوڻ هو ته چيف جسٽس کي ضد ڇڏي فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ گهرجي، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته  اليڪشن ڪيمشن کي  فيبروري ۾ ئي ڪراچي جي  11 يونين ڪميٽين ۾ چونڊون ڪرائڻ گهرجن ها ڪجهه خالي رهجي ويل سيٽن سبب ميئر وزيراعظم ۽ وڏي وزير  جي چونڊ روڪي وئي ته اها روايت غلط پئجي ويندي ۽ ان نموني وزيراعظم  ۽ وڏي وزير جي چونڊ نه ٿي سگهندي، هن چيو ته جن پنجن يوسين جي ٻيهر ڳڻپ ٿي آهي انهن ۾ اڳ به پيپلزپارٽي ڪامياب ٿي هئي ۽ ٻيهر ڳڻپ ۾ به ڪامياب ٿي آهي.