اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حساس ۽ اهم معاملي تي جلدبازي ۾ فيصلو ٻڌايو ويو ته نه مڃيو ويندو، عدم اعتماد جو اظهار ڪرڻ باوجود بينچ ٻڌڻي هلائي، اسان جي گذارش آهي اهڙي بينچ ٺاهي وڃي جيڪو سڀني لاءِ قبولڻ جوڳي هجي، هن چيو ته اسان جي وڪيلن چيو ٻڌڻي کان اڳ اسان جي خدشن کي ٻڌو وڃي، لڳاتار درخواستون ڏيڻ باوجود اسان کي ڌر نه پيو بڻايو وڃي، حڪومتي اتحاد مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي ۾ شفافيت آندي وڃي، سياسي جماعتن جا نمائندا عدالت ۾ پيش ٿيا ته ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جو حڪم موجود آهي پر اُن کي هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي معطل ڪيو ويو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ئي اهو ادارو آهي جتي هڪ آمر 3 مهينا گهرڻ ويو، ان کي ٽي سال نه پر 9 سال ڏنا ويا، هن چيو ته چيف جسٽس صاحب چيو ته سياسي جماعتون، حڪومت ۽ اپوزيشن ڳالهين سان رستو ڪڍن، توهان کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته پهريان پنهنجو گهر ته درست فرمايو، سپريم ڪورٽ کي پنهنجي اداري ۾ اٿندڙ اختلافي آوازن کي به ٻڌڻ گهرجي، قومي اسيمبلي ۾  مواصلات جي وزير مولانا اسعد محمود چيوته عدالت وٽ ڪوئي ڪيس ايندو آهي ته توهان ان کي آئين ۽ قانون مطابق ڏسندئو يا چوندئو ته گڏجي ويهي فيصلو ڪيو، جيڪڏهن گڏجي ويهي 2024 يا 2030 يا 2050ع جي ڪا تاريخ طئي ٿئي ٿي ته آئين ڪٿي بيٺو هوندو، هن چيو ته عدالت به اسان کي لکي ڏئي ته فل ڪورٽ بينچ ئي ان ڪيس کي ٻڌندي، هن ملڪ جا فيصلا آئين ڪندو يا عمران خان ڪندو، مولانا اسعد محمود جي تقرير کان پوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن منجهند جو 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.