اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جا اڄ رٿيل ڪيس ڊي لسٽ ڪيا ويا آهن، سپريم ڪورٽ جو خاص بينچ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ اڄ جي ڪيسن لاءِ نظرثاني ٿيل روسٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت چيف جسٽس عمر عطا بنديا جي بينچ ختم ڪئي وئي آهي ۽ چيف جسٽس جا اڄوڪا روٽين ڪيس ڊي لسٽ ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس اڄ ان چيمبر ورڪ ڪندو ۽ هو ڏينهن جو ساڍي يارهين وڳي تائين صرف چيمبر ورڪ ڪندو رهندو ۽ ساڍي يارهين وڳي سپريم ڪورٽ جي خاص بينچ پنجاب اليڪشن ڪيس ٻڌندي. ياد رهي ته چيف جسٽس جي ڪالهوڪيو بينچ به ڊي لسٽ ٿي وئي هئي. خانگي ٽي وي چينل ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته چيف جسٽس جو بينچ صحت جي خرابي جي ڪري ڊي لسٽ ٿيو آهي، کيس بخار، جسم ۾ سور ۽ نزلو ٿي پيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجي ڳوٺ ۾ هو ۽ صحتمند ٿيڻ بعد ٻيهر ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي. ياد رهي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل بينچ هڪ وقت چونڊن واري ڪيس ۾ حڪومت کي 27 اپريل تائين 21 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنوهو.