چيف ايگزيڪيوٽو چوي ته انٽيليجنس ايجنسيون سندس ماتحت نه آهن ته پوءِ کيس عهدو ڇڏي گهر وڃڻ گهرجي: عدالت

0
287
مني لانڊرنگ ڪيس: وزيراعظم

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پيش ٿيا

وزيراعظم شهباز شريف عدالت لاپا شهرين جو معاملو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته عوام ۽ الله کي جوابده آهيان، پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪنداسينIHC dismisses plea for contempt proceedings against journalist - Newspaper - DAWN.COM

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته ماڻهن جي تڪليف جو ازالو ڪري، حراستي مرڪزن مان ماڻهو بازياب ٿي رهيا آهن، پر ڪوبه ايڪشن نٿو کنيو وڃي

عدالت ريمارڪس ڏنا ته چيف ايگزيڪيوٽو ائين چوي ته انٽيليجنس ايجنسيون سندس ماتحت نه آهن، ته اهو آئيني ڀڃڪڙي کي قبول ڪرڻ آهي، اهڙو اعتراف ڪندڙ چيف ايگزيڪيوٽو کي عهدو ڇڏي گهر وڃڻ گهرجي، ڪو چيف ايگزيڪيوٽو پنهنجي بيوسي جو بهانو نٿو ڪري سگهي

Can't play into the hands of those behind audio leaks, says Justice Minallah - Pakistan - DAWN.COM

پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر جي دليلن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙو جواز ڏيڻ جو مطلب ته توهان چئي رهيا آهيو هتي رياست اندر رياست آهي

عدالت قانون جي وفاقي وزير کي چيو ته ڪو اهڙو فورم ٻڌايو، جيڪو گُم ٿيل شهرين جي وارثن لاءِ هر وقت دستياب هجي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي گُم ٿيل شهرين جي معاملي بابت قانونسازي ٻن مهينن جي مهلت ڏني آهي

ھي به پڙھندا

ڇا عمران خان فوج بابت بيان ڏئي سندن مورال ڊائون ڪرڻ گهري ٿو؟: چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

وزيراعظم اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ پيش، گم ٿيل شھرين جو معاملو حل ڪرڻ جي خاطري