چيف اليڪشن ڪمشنر پاران مقرر نگران وڏي وزير کي هلڻ نه ڏينداسين: پرويز الاهي

0
297
گجرات ۾ پوليس جو پنجاب

پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي مقرر نگران وڏي وزير کي پنجاب ۾ هلڻ نه ڏينداسين

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته پنجاب ۾ جڏهن به اليڪشن ٿيندي ته ڀرپور مقابلو ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن جي نيت ۽ سوچ جي خبر آهي. اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف روز ڪيس ٺاهي رهي آهي

عمران خان کي قائداعظم کان پوءِ سڀ کان وڏو ليڊر قرار ڏيندي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته عمران خان جڏهن غلطي ڪندو آهي ته اسان ان کي روڪيندا آهيون پر جڏهن دشمن غلطي ڪري ته اسان کيس نه روڪيندا آهيون۽ کيس ٻڏڻ ڏنو وڃي

پرويز الاهي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرر وڏي وزير کي هلڻ نه ڏينداسين، چيف اليڪشن ڪمشنر جي ٺاهيل وڏي وزير خلاف عدالت ۾ وينداسين

 نواز شريف جي وطن واپسي بابت سوال تي پرويز الاهي چيو ته نواز شريف جي وطن واپسي بابت ن ليگ کان پڇو

ياد رهي ته پنجاب ۾ نگران وڏي وزير جي مقرري لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ ٻئي جي تجويز ڪيل نالن کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ ان حوالي سان پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان جو چوڻ هو ته هو اتفاق راءِ سان نالو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. نگران وڏي وزير لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ ٻئي جا نالا رد ڪري ڇڏيا

هن کي به پڙهندا

پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻ وارو معاملو رولڙي جو شڪار