چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف جوڊيشل ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو: ضمي چونڊن کان اڳ عام چونڊون ٿينديون:پي ٽي آءِ

0
132
چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ۽ اليڪشن ڪميشن ميمبرن خلاف جوڊيشل ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي استعيفائن وارن تڪن تي ضمني چونڊن کان اڳ عام چونڊون ٿينديون، وفاقي حڪومت گهر هلي ويندي، رانا ثناءُالله پنجاب آيو ته واپسي جي گارنٽي ناهي، زرداري سنڌ اسيمبلي ٽوڙي ۽ پي ڊي ايم اليڪشن ڪميشن تبديل ڪري ته ڳالهين لاءِ تيار آهيون، تفصيل موجب ڪالهه پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي قيادت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فواد چوڌري، فرخ حبيب، بابر اعواڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي حڪومتي اتحاد جي وفد سان ملاقات جو معاملو غور هيٺ آيو، پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڪردار جو جائزو ورتو ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر بابت ريفرنس داخل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، عمران خان هدايت ڪئي ته قانون ماهر چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس تي ڪم شروع ڪن، ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن خلاف خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جا ٺهراءَ آندا ويندا

ذريعن موجب اجلاس ۾ پي ٽي آءِ قيادت چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي، اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي حڪمران اتحاد جي ماڻهن سان هڪ ڏينهن اڳ ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ ڪيس تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن تي عدالت جي ججن وارو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ لاڳو ٿئي ٿو ۽ ڪو به جج پنهنجي پينڊنگ ڪيس جي سلسلي ۾ ڪنهن ڌر سان ملاقات ۽ بحث نه ڪري سگهندو آهي، حڪمران اتحاد سان چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي ٿيل ملاقات ضابطي جي سنگين خلاف ورزي آهي، انهن حڪمران اتحاد کي فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٿيڻ جو يقين ڏياريو آهي، اسان پنهنجي قانوني ٽيم سان ڳالهائي رهيا آهيون

اهو عمل چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن خلاف سپريم جوڊيشل ڪميشن ۾ ريفرنس موڪلڻ لاءِ فٽ ڪيس آهي، جنهن ريفرنس ۾ انهن کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويندو، اسان جو مطالبو آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڀلي ڪري پر عدالتي هدايتن تحت اسان جي فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي سان گڏ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي فارين فنڊنگ ڪيس جو به فيصلو ڪيو وڃي،هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پڇاڻو ڪري ته فضل الرحمان جي هيڊ آفيس ڪنهن ٺاهي ڏني هئي

بينظير پنهنجي حڪومت ۾ لکيو آهي ته اسامه بن لادن کان نواز شريف منهنجي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ پيسا ورتا، بينظير جو پٽ بينظير جي نمائندگي نه ٿو ڪري اهو پنهنجي پيءُ جي نمائندگي ڪري ٿو، جي يو آءِ، ٽي ايل پي ۽ ٻين جي به فنڊنگ جو جائزو ورتو وڃي، فواد چوڌري چيو ته ملڪ ۾ نئون چونڊون نه ٿيڻ ڪري بحران آهي ان جو به ذميوار چيف اليڪشن ڪمشنر آهي جنهن سپريم ڪورٽ ۾ چيو هو ته نومبر تائين عام چونڊون نٿا ڪرائي سگهون، هنن کي خوف آهي ته چونڊن ۾ عمران کٽي ويندو، اڄ ڊالر ملڪ ۾ 250 رپين ۾ به نه ملي رهيو آهي اهو سڀ ڪجهه 100 ڏينهن ۾ ٿيو آهي، جنگ باوجود يوڪرين کان پوءِ دنيا ۾ سڀ کان وڌ ۾ وڌ پاڪستان جي ڪرنسي ۾ گهٽتائي ٿي آهي

هن چيو ته شهباز شريف سي ڊي اي جو وزيراعظم آهي، اهو ته تيل جون قيمتون به نه ٿو وڌائي سگهي ان لاءِ به بيان ڏنو ويو هو ته ان ۾ آرمي چيف جي مدد جي ضرورت آهي، هنن جي ڪري آءِ ايم ايف معاهدو به نه ٿي رهيو آهي، هنن جو ٻاراڻو انداز آهي، جمهوريت ۾ ائين ناهي ٿيندو، آمريت ۾ ئي چونڊون ناهن ڪرايون وينديون، باقي جمهوريت ۾ اليڪشن کي التوا ۾ نه ٿو رکي سگهجي. فواد چوڌري چيو ته  پي ٽي آءِ جي منظور ٿيل استعيفائن وارن تڪن تي ضمني چونڊ کان پهريان انشاءَ الله اسان عام چونڊن طرف هليا وينداسين، وفاقي حڪومت گهر هلي ويندي، جيڪڏهن آصف زرداري سنڌ اسيمبلي وقت کان اڳ ٽوڙڻ ۽ پي  ڊي ايم اليڪشن ڪميشن تبديل ڪرڻ لاءِ تيار هوندي تڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي

اگر سنڌ اسيمبلي نه ٽوڙي ويندي ته پوءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي وارا چونڊا ته اسان اسيمبلي ڇو ٽوڙيون. هن چيو ته پهرين بند ڪمرن ۾ جيڪي فيصلا ٿيندا هئا، هاڻي اُهي نه ٿيندا، هاڻي جيڪي ووٽرز کي دوکو ڏيندا، اُنهن جي ڪابه حيثيت نه هوندي، فواد چوڌري فنانشل ٽائيمز جي اسٽوري تي ڳالهائيندي چيو ته ان اسٽوري ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه ڪئي وئي آهي، اسان مڃي رهيا آهيون ته 30 لک ڊالر پي ٽي آءِ کي منتقل ٿيا هئا، اسان اهي اڪائونٽ ڊڪليئر ڪري رکيا آهن، اسان کي اڃا تائين سمجهه ۾ نه آيو آهي ته اسان ته الزام ڇا آهي ۽ اسان کي جواب ڇا ڏيڻو آهي؟

دنيا ۾ ائين فنڊ گڏ ڪيو ويندو آهي، هن سال شوڪت خانم 9 ارب رپين جو فنڊ گڏ ڪيو آهي، نمل ڪجهه هفتن ۾ 20 لک ڊالر گڏ ڪيا آهن، پي ٽي آءِ جي نامنظور ڊاٽ ڪام کي 6 ڏينهن ۾ ڪروڙ رپيا سمنڊ پار پاڪستانين ڏنا آهن، هن چيو ته عارف نقوي آمريڪن مالياتي ريگيوليشن جي خلاف ورزي ڪرڻ واري ڪيس کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٿي سگهي ٿو اهو ڪيس درست هجي، ٿي سگهي ٿو اهو ڪيس غلط هجي، 2 ڪروڙ ڊالر به شريف فيملي کي آفر ٿيا هئا ان بابت انهن ڪا ترديد نه ڪئي آهي، اسان پي ٽي آءِ وارا ائين ئي فنڊنگ ڪندا آهيون اڳتي به ائين ئي فنڊنگ ڪنداسين

عمران خان ملڪ کان ٻاهر ويندو آهي اتي ڊنرز ٿيندا آهن، اسان کي 40 هزار ماڻهن فنڊنگ ڪئي، اسان ساڍن 3 کان 4 ارب رپين تائين فنڊنگ ڪئي آهي، جن مان 25 ڪروڙ چون ٿا ته توهان کي ووٽن ڪلب موڪليا هئا، اها رقم به ڪرڪيٽ ميچ ٿي هئي، عمران خان سالن بعد ميچ ۾ وڃي بالنگ ڪئي هئي، ان ميچ ۾ ماڻهو آيا جن پيسا ڏنا، هي جائز پئسو آهي. فواد چوڌري چيو ته مون پهريان چيو هو ته وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله کي پنجاب ۾ نه اچڻ ڏينداسين، هاڻي ان ۾ ٿوري تبديلي ڪيان ٿو ته رانا ثناءُ الله جيڪڏهن پنجاب ۾ آيو ته واپس اسلام آباد ويندو يا نه ان جو اسان سان تعلق ناهي، واپسي جي گارنٽي نه ڏينداسين، ڇو ته مٿس ڪيترائي ڪيس داخل آهن.