چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي نامزد جنرل ساحر شمشاد ڪير آهي؟

0
394

ڪراچي: چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي لاءِ نامزد ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ايٽ سنڌ رجمينٽ مان ڪئي

ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد پاڪستان ملٽري اڪيڊمي مان تربيت مڪمل ڪري پاڪ فوج ۾ شامل ٿيو،  فور اسٽار جنرلز جي لسٽ ۾ سندس نالو ٻئي نمبر تي آهي

ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد سيپٽمبر 2012 کان ڪور ڪمانڊر راولپنڊي آهي، جون 2019 ۾ کيس چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ڪيو ويو، مختصر مدي لاءِ ايڊجوئنٽ جنرل جي ايڇ ڪيو به رهيو

2015 کان 2018 تائين ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد ڊي جي ملٽري آپريشنز طور خدمتون به سرانجام ڏنيون

جنرل ساحر شمشاد تحريڪ طالبان ۽ ٻين دهشتگرد گروپن خلاف آپريشنز جي نگراني به ڪئي، افغان ڌرين ۾ ڳالهين لاءِ به هن اهم ڪردار ادا ڪيو

جنرل ساحر شمشاد هن وقت پاڪ فوج جي ٽين ڪور راولپنڊي جو ڪور ڪمانڊر آهي

ھي به پڙھندا

جنرل عاصم منير ڪير آهي ۽ ڪهڙن عهدن تي رهيو؟

ايوان صدر کي آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس جي سمري ملي وئي